روشن راهون، ڌنڌلا ماڳ

روشن راهون، ڌنڌلا ماڳ

روشن راهون ڌنڌلا ماڳ

روشن راهون، ڌنڌلا ماڳ (ڪتاب): هي هند سنڌ جي غزل جي تمام وڏي شاعر ايم. ڪمل جي غزلن جو ٻيو نمبر مجموعو آهي، جيڪو ڪمل ڪتاب گھر، الهاس ننگر پاران جولاءِ 1981ع ۾ ڪماري مينا ايم بندراڻيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ايم ڪمل جا 62 غزل شامل آهن ۽ آخر ۾ سندس نئين غزل تي مختصر نوٽ لکيل آهي، جنهن ۾ هن نئين غزل بابت لکيو آهي ته، نئين غزل ۾ به وزن، قافيي، دريف ۽ ربط جهڙن فني پهلوئن جي پورائي عمدي غزل لاءِ لازمي شرط آهي، جيسيتائين وزن جو سوال آهي ته ان ۾ تجربي جي گنجائش ممڪن آهي، پر ٻين فني نقطن سان هٿ چراند غزل جي حق ۾ زيادتي ٿيندي . . . نئين غزل ۾ انسان تي پيل دٻاءَ اڀرن ٿا، ان جي شعري رد عمل ۾ نوان اشارا، نيون علامتون وجود ۾ اچن ٿيون. انساني بنيادي احساسن کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، صرف جديد نظر، بدليل ذهني رويي جو سوال آهي.
ڪرائون سائيز جو 70 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب جولاءِ 1981ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو